اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، عمران خان حڪومت آءِ ا??م ايف معاهدي ۾ پيٽروليم تي ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي، اسان اها شرط تسليم نه ڪئي، ڀارت جا سمورا حربا ڪشمير?? ڀينرن ڀائرن جي حوصل?? کي نه ٿا ٽوڙي سگهن. هو منصوبابندي، ??رق??، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافي?? کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي حڪومت جو ڏاڍ ۽ بربريت زورن تي آهي، ڀارت پاران 12 شهري?? کي شهيد ڪندي تشدد جي نئين لهر مڙهي پئي وڃي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي ۽ ??رق?? واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آهن ۽ هڪ تاثر ڏنو ويو ته وفاقي حڪومت پاران بجيٽ گهٽ ڪئي پئي وڃي، اهو معاملو وزيراعظم شهباز شريف جي علم ۾ آندو ويو ته هن ان تي نوٽيس ورتو. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هونئن ئي معاشي بحران آهي، هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪنهن صوبي کي ??رق??اتي بجيٽ جاري ناهي ٿي سگهي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي منصوبابندي، ??رق?? واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي بجيٽ کي خواهشن جي موجب بڻايو آهي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ٻنهي حڪومتن جي درخواست تي نه پر اسان پاڻ ئي فوري اجلاس گهرايو ۽ انه?? کي گهرايو، اڄ انهن جي اطمينان موجب معاملو حل ٿيو آهي. هن چيو ته وفاق سمورن صوبن جي برابر ??رق?? جو خواهشمند آهي. هن چيو ته آءِ ا??م ايف جون ڪيتريون شرطون مڃي رهيا آهيون اهو به قوم کي ٻڌائڻ ضروري آهي، عمران خان آءِ ا??م ايف سان پيٽروليم ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي پر اسان ان شرط کي نه مڃيو، مشڪل فيصلا ڪندڙ حڪومت ايتري ئي جرئت سان اميرن جي سموري ڪلاسز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، اسان جو اهو ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فاصلو وڌندو پيو وڃي ا?? کي گهٽ ڪيو وڃي، غريب?? کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃي: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا