گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ع??ائقن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ س??وي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن د??يا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، ان مرحلي ۾ متاثر ع??ائقن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ س??وي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويند??. ه?? چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر ع??ائقن جو دورو ڪندو.
ٻوڏ سبب متاثر علائقن لاءِ اعلان ڪيل پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ