اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ عيد ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي ??ي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ملاقات ڪئ??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ۽ سفارتڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا سفارتڪار موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سان گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي ??ي ميمبرن صدر سان انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئ?? جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ڪورسز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ کڻ?? سگهجن ٿا. صدر سينيئر بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئ??.
صدر سان غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار