ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسئلن ۽ چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ملڪ جي روانگ?? واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري لاءِ مالي مسئلن جي باوجود سمورا ممڪن وسيلا م??يا ڪنداسين، ٽيڪسٽائيل نه رڳو معيشت پر روانگ?? واپار جي لاءِ پڻ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ٽيڪسٽائيل ايڪسپو کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيڪسٽائيل ايڪسپو جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته هن ايڪسپو ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به سيڙپڪار شريڪ آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. ٽيڪسٽائيل نه رڳو اسان جي معيشت پر روانگ?? واپار جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. پنهنجي صنعتڪارن ۽ برآمد ڪندڙن جي ميڊ اِن پاڪستان شين جي برآمد جي لاءِ انهن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. مختلف چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري ر??يا آهيون. ڪاروباري ماڻهن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بهتر ٿي رهيو آهي. سيڙپڪار پاڪستان اچي خوشي محسوس ڪن ٿا. مسئلن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي. ٽيڪسٽائيل سيڪٽر اسان جي روانگ?? واپار جو مرڪز آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نيٽ ويئر ۽ گارمينٽس جي عالمي برانڊ پاران طلب، پراڻي ٽيڪسٽائيل ٽيڪنالاجي ۾ جدت هن شعبي جا اهم سنگ ميل آهن. واپار وارو وزير، واپار وارو سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم ۽ پاڪستان ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين زبير موت?? والا جي ان شعبي جي بهتري لاءِ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي شعبي جو ملڪي روانگ?? واپار ۾ 60 سيڪڙو آهي. هن ٽيڪسٽائيل جي شعبي سان واڳيل ماهرن کي چيو ته اهي اڳتي اچن ۽ پاڪستان جي روانگ?? واپار ۽ ان شعبي جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين. وزيراعظم چيو ته ايندڙ هفتي کان پري بجيٽ اجلاسن جو سلسلو شروع ڪنداسين. ناڻي واري وزير کي پڻ مون سان گڏ اچڻو هو پر هو نه اچي سگهيو، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ خاص معاون ڊاڪٽر طارق باجوه اسان جي روانگ?? واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ر??يا آهن، اهي مون سان گڏ آهن. مالي چئلينجن سميت ٻين مشڪلاتن جي باوجود چمڙي ۽ ٽيڪسٽائيل، راندين جي سامان سميت ٻين مصنوعات جو روانگ?? واپار وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا م??يا ڪنداسين. هن ايڪسپو جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته اهي ٺوس تجويزن سان اڳتي وڌن. پنهنجي صارفين کي معياري شين جي فراهمي يقيني بڻائين. هن چيو ته ان ۾ ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته پاڪستان ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي شعبي ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا اڳتي هو جڏهن ته بدقسمتي سان اسان پٺتي رهجي وياسين. اسان کي ٻيهر انهي رستي تي گامزن ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي روانگ?? واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو آهي، اهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي، ان جي لاءِ واپار وارو وفاقي وزير ۽ ان جي ٽيم اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ايڪسپو جي منتظمين پاران ڀرپور نمائش منعقد ڪرڻ تي انهن کي ساراهيو. ڪراچي پاڪستان جو شاندار شهر آهي ۽ هتي باني پاڪستان دفن آهي. واپار واري وزارت پاران نيشنل ڪمپلائنس سيل قائم ڪيو ويو آهي. جيڪو وقت جي ضرورت هئي. اسان يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو درجو ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اسان ان حقيقت کان آگاهه آهيون ته گڊ گورننس سميت سمورا لوازمات پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??يا آهيون. هن چيو ته اسان قانون جي حڪمراني، ميرٽ ۽ آئين موجب اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ٿا. هن غيرملڪي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته اهي اسان جا مهمان آهن انهن جي لاءِ گورنر هائوس جا دروازا کليل آهن. اهي اتي اچي ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي حوالي سان معاهدا ڪري سگهن ٿا. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول انتهائي سازگار آهي، پوري دنيا کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي ميڊ اِن پاڪستان شيون خريد ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات انتهائي اعليٰ معيار جون آهن. روس يوڪرين جنگ سان سڄي دنيا جي معيشتن کي بحران درپيش رهيو آهي. هن چيو ته روانگ?? واپار وڌائي معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي هن ايڪسپو ۾ موجودگي ان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري جي عزم جو ثبوت آهي. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان جي چيئرمين زبير موت?? والا چيو ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پاڪستان دنيا ۾ ڪپهه پيدا ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آهي. اسان ڊگهو سفر ڪيو آهي هٿ سان ٺهيل شين کانپوءِ هاڻي جديد طرز جي مينوفيڪچرنگ تي اچي چڪا آهيون. هن چيو ته اسان دنيا جي هر وڏي برانڊ کي خدمتون ڏيون ٿا. پاڪستاني ٽيڪسٽائيل پنهنجي معيار جي ڪري دنيا ۾ منفرد آهي. هن شعبي ۾ وڏي صلاحيت آهي. هاڻي ان شعبي ۾ جدت آڻي ر??يا آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم ايڪسپو جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم سان گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، احسن اقبال، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
مسئلن ۽ چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔