اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگرا?? حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو اخت??ار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چ??و ته آئين تحت نگرا?? حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگرا?? حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اخت??ار آهي، اسا?? حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چ??و ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو اخت??ار حاصل آهي. قومي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.
نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ