لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستان?? برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ ت?? برطانيا ۾ پاڪستان?? برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي س??ڙپڪاري س??ولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وزيراعظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موق??و فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي س??ال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي س??الن جا تفصيلي جواب ڏنا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري پاران آجياڻي جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : números dupla sena