اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام مليا آهن. چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو ته چيڪ ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي مبارڪباد ڏ??ند?? ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏ??ند?? کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاو?? کي سگهه ڏيڻ جو م??تظ?? آهيان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مبارڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ?? کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو م??تظ?? آهيان.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر