اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين په??ائ??. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع واري ??زير خواجه محمد آصف سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن جي سامهون موجود آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح آهي ته ڪير مختلف عمارتن ۾ داخل ٿيو ۽ ڪير ٻاهر بيهي هدايتون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪريون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي موجود هيون پر انهن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه کي گذارش آهي ته 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين په??ائ??. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسان جيلن جون سختيون ڀوڳيون آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيلن جيڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عم??دارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فرش تي ويهڻ تي مجبور ڪيو ??ڃي?? انهن کي ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته باني پي ٽي آءِ کي ورزش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.
9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ