اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي ام??حا??ن ۾ دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چي?? آهي ته دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته دانش اسڪول ميانوالي جي محمد آيان ڪاشف بورڊ جي ام??حا?? ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت مڃرائي آهي. محمد آيان، سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چي?? ته دانش اسڪول جون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ک?? تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بورڊ ام??حا?? ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عبيرا اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.
وزيراعظم پاران لاهور بورڊ جي امتحانن ۾ دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر ماڻڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن