اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي مبارڪون ڏيندي دعا ڪئي آهي، ته هي هجري سال اس??ن جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ اس??حڪام جو سبب بڻجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پي??ام ۾ چيو آ??ي، ته مان پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجر ي جي شروعات تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ مان الله تعاليٰ جي حضور دعاڳو آ??يان ته هي هجري سال اس??ن جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ اس??حڪام جو سبب بڻجي. ه?? چيو ته محرم الحرام کي اسلامي تاريخ ۾ خاص اهميت ۽فضيلت حاصل آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني کان پوءِ محرم الحرام ۾ عبادتن کي خاص فضيلت حاصل آهي. هن مهيني ۾ الله تعاليٰ هر قسم جي فتني کان منع فرمائي بندگي جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ جي تلقين فرمائي آهي. نئين سال جي شروعات ۾ اس??ن کي گناهن کان بچڻ، بارگاهه الاهي ۾ توبه ڪرڻ ۽ دين اسلام جي تعليم تي غور ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. ه?? چيو ته هي مهينو دين جي سرفرازي خاطر حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس وفادار ساٿين جي لازوال قرباني جي ياد به تازه ڪري ٿو ۽ اس??ن کي ان ڳالهه جو سبق ڏئي ٿو ته دين جي سر بلندي خاطر جدوجهد ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس ساٿين ظلم ۽ طاغوتي طاقتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اوهان ۽ اوهان جا ساٿي ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ۾ قرباني ۽ اس??قامت سبب امر ٿي ويا آهن. هي مهينو اس??ن کي خدا پاڪ جي خوشنودي، ظلم خلاف ڄمي بيهڻ ۽ حق جي فتح خاطر وڏي کان وڏي مصيبت جي باوجود ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو. صدر مملڪت چيو ته نئون اسلامي سال اس??ن کي پنهنجي زندگين ۽ طرز عمل تي غور ڪرڻ ۽ ان کي اسلامي تعليم موجب اختيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اس??ن کي پنهنجي اندر حق ۽ باطل ۾ فرق ۽ دين جي صحيح تعليم بابت فهم ۽ شعور پيدا ڪري ٿو. اس??ن سڀني کي گهرجي ته اس??ن پنهنجي اندر اخوت، صبر ۽ برداشت جون خصوصيتون پيدا ڪيون ۽ گڏيل اختلافن کي وساري قومي يڪجهتي ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون. مان الله پاڪ جي حضور ۾ دعاڳو آ??يان ته هو ملڪ پاڪستان کي هر قسم جي آفتن کان محفوظ فرمائي ۽ اس??ن سڀني کي پنهنجون زندگيون اسلامي اصولن مطابق بصر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. الله تعاليٰ اس??ن جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين.
صدر مملڪت جي پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي مبارڪباد، دعا آهي ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش