اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر ??يصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي وا??عن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي وا??عن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي گورنر ??يصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ وا??عن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نقصا?? افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.
خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری