اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ??ار??بار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سميڊا بورڊ سميت اهڙا سمورا ادارا جيڪي ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي اهم آهن، انهن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ فوري طور تي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم چي?? ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ??ار??بار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم سميڊا بورڊ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سميڊا جي بورڊ کي فوري طور تي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا جي چي?? ايگزيڪيوٽو آفيسر جي فوري مقرري جي لاءِ ضرو??ي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا جي حوالي سان اسٽيئرن?? ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اسٽيئرن?? ڪميٽي جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيئرن?? ڪميٽي ۾ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم صنعتن ۾ سب ڪانٽريڪٽنگ کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چي?? ته پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپلاءِ چي?? جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم کي سميڊا جي معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو سميڊا جي لاءِ ڊيولپمينٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 سالن جي لاءِ 30 بلين رپيا سميڊا ڊيولپمينٽ فنڊ رکيو ويو آهي، جنهن مان 25 – 2024ع جي لاءِ 5 بلين رپيا ڏنا ويا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت 5.2 ملين ننڍي ۽ وچولي درجي جا ??ار??بار موجود آهن جن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ حصو 40 سيڪڙو آهي، ملڪ جي 31 سيڪڙو برآمدات ايس ايم ايز تي منحصر آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نان اگريڪلچرل ملازمن کانسواءِ 72 سيڪڙو نوڪريون ايس ايم ايز سيڪٽر مهيا ڪري رهيو آهي. ايس ايم ايز سيڪٽر لاءِ هيستائين 491 بلين رپيا بئنڪ ڪريڊٽ جي مد ۾ فراهم ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ بئنڪ ڪريڊٽ کي 800 ملين تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چي??ا، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سر??ار?? آفيسرن شرڪت ڪئي.
ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سميڊا سميت سڀني بورڊز جي فوري طور تي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria