اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي ته چين پاڪستان جي ت??قي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي، گوادر علائقائي ت??قي جو محور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي تڪميل تي چيني حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چيني ۽ پاڪستاني ورڪرز ان منصوبي کي پڄاڻي ت??ئين پهچائڻ جي لاءِ ڏينهن را?? ڪم ڪيو، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته گوادر علائقائي ت??قي جو محور هجڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جو عڪاس آهي، چين پاڪستان جي ت??قي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جي عوام جي خوشحالي اسان جي دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.
چين پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي، گوادر علائقائي ترقي جو محور آهي: چين جو وزيراعظم لي چيانگ
مضمون کا ماخذ : راکی