رياض – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي گذريل هڪ هفتي دوران 16 هزار 790 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سعودي خابرو اداري موجب غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي گرفتاريون 4 آڪٽوبر کان 11 آڪٽوبر 2023ع دوران ڪيون ويون آهن. ڪميٽي چيو آهي ته گرفتار ??يلن مان 10177 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 4523 گرفتار ??يل سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ 2090 پرڏيهي ليبر قانون جي خل??ف ورزي ۾ ملوث هئا. ان عرصي دوران 709 م??ڻه?? گرفتار ڪيا ويا جيڪي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ غيرقانوني طور اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. گرفتار ??يلن مان 63 سيڪڙو يمني، 34 سيڪڙو ايٿوپين ۽ ٽي سيڪڙو ٻين ملڪن جا شهري هئا.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری