واشنگٽن-23 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي هٿياربند فوج تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اسرائيل سان غزه ۾ زميني ڪارروائي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آه??. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق ان قدم جو مقصد آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي فوجين تي حملن کان بچائڻ لاءِ قدمن لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آه??. رپورٽ مطابق آمريڪا کي حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ يرغمال بڻائڻ درجنين ماڻهن کي ڇڏرائڻ لاءِ پڻ وقت گهربل آه??. رپورٽ ۾ چيو ويو آه?? ته اسرائيل طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائي شروع ٿيڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ مقرر آمريڪا فوج تي حملن جو خطرو وڌي سگهي ٿو. آمريڪا کي خدشو آه?? ته ان طرح جا حملا ايران جي حمايت يافته علائقائي گروهه ڪري سگهن ٿا. اخبار مطابق آمريڪي انتظاميه جي غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي رسد لاءِ ڳالهين لاءِ وقت گهربل آه??. نيويارڪ ٽائمز نشاندهي ڪئي آه?? بائيڊن انتظاميه اسرائيل سان جنگبنديءَ جو مطالبو نه ڪري رهي آه??، هو اڃا به حماس کي تباهه ڪرڻ لاءِ زميني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تل ابيب جي ارادي جي حمايت ڪري ٿو. اخبار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آه?? ت?? زميني آپريشن جي شڙوعات ۾ دير جو مشورو آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آستن ذريعي ڏنو ويو هو. آمريڪي دفاع واري وزارت جي سربراهه طرفان تقريبن روزانو پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان رابطي ۾ آه??. لائيڊ آسٽن اسرائيل جي اعليٰ دفاعي اهلڪار کي به چيو آه?? ته مغوين جي واپسي آمريڪا جي ترجيح آه??. ٻئي طرف روسي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آه?? ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڻڄاتل پيٽرياٽ اينٽي ميزائل ڊفينس سسٽم ۽ ٽرمينل هاءِ آلٽي ٽيوڊ ايريا ڊفينس بيٽري (ٿاڊ) کي فعال ڪري ڇڏيو آه??. پيٽرياٽ حملي آور ميزائل کي 160 ڪلوميٽر جڏهن ته ٿاڊ 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نشانو بڻائي رستي ۾ تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سي اين اين مطابق آمريڪا ان کان اڳ ٻه جنگي جهازن بحري جهاز يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ ۽ يو ايس ايس وائٽ ڊي آئزن هاور کي اسرائيل جي مدد لاءِ علائقي ۾ موڪليو آه??. ان سان گڏوگڏ آمريڪي بحريه جا گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار اهلڪار پڻ علائقي ۾ پهچي چڪا آه??. آ??ريڪا ان ٻنهي بحري جهازن کان علاوه بحيره احمر ۾ ڪيترن ئي جنگي بحري جهازن جي مقرري ڪري ڇڏي آه??. آمريڪي فوج طرفان اها پڻ دعويٰ ڪئي آه?? ته ان جنگي جهازن يمن ۾ حوثي باغين طرفان اسرائيل ۾ هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽن ميزائل ۽ اسرائيل طرفان روانو ڪيل ڪيترن ئي ڊرونز کي ڪيرايو آه??. هوڏ??نه?? آمريڪي صدر جوبائيڊن برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ڪئنيڊا جي اڳواڻن سان وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي به مشاورت ڪئي آه??. سمورن اڳواڻن اسرائيل خلاف حماس جي ڪارروائي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ان خلاف اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق ۾ ڀرپور حمايت ڪئي آه??.
آمريڪا جي اسرائيل کان غزه جي پٽيءَ ۾ زميني آپريشن ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا