برلن _ 19 جنوري (اي پي پي ) جرمني ۾ شديد برفباري سبب معمول ??اري زندگي متاثر ٿي وئي آهي . ڊي ڊبليو مطابق جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ شديد برفباري سبب اچ ??ڃ معطل ٿيڻ سبب شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . جرمني جي سڀ کان وڏي هوائي اڏي فرنڪفرٽ تي اٽڪل 1،000 مان 300 کان وڌيڪ اڏامن جي آمد۽ رووانگي کي ملتوي ڪيو ويو آهي . جرمني جي سڀ کان وڏي ريل آپريٽر ڊوئچي بانڪي چيو آهي ته مختلف ??هرن کان پيرس ويندڙ ۽ ايندڙ ٽرينن کي هڪ ڀيرو ٻيهرملتوي ڪيو ويو آهي . هن چيو ته ٽرين ذريعي سڄي ملڪ ۾ سفر ڪ??ي سگهجي ٿو . پر موسم سبب ڪنهن حد تائين سفر ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو ، مرڪزي جرمني ۾ برفاني حالت سبب هائي ويز تي به برفباري سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي . روڊ رستن کي صاف ڪرڻ ۾ به اڃان وقت لڳي سگهي ٿو .شهري گاڏين ذريعي سفر ڪ??ڻ کان پاسو ڪن .
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ