بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لائي نالي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) م??عا??ف ڪرايون آهن. ميڊيا رپ??رٽن موجب فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني جا ملازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ انهن جي ڪم تي اچڻ لاءِ دل نٿو چوي ته اهي سال ۾ 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا. جڏ??ن ته انهن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح رهي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نالي سان پهريون اسٽور شروع ??ند?? ڪمپني جي مالڪ يوڊونگ لائي چيو آهي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن ايندو آهي جڏ??ن هو اداسي واري ڪيفيت مان گذرندو آهي، اها انساني فطرت آهي. هن چيو ته جڏ??ن ملازم اداس هجن ته موڪل ڪري سگهن ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ڪمپني انهن جي اداسي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. ڪمپني جا ملازم اڳ ئي سال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏ??ن ته ان کان سواءِ نئين سال جي جشن دوران 5 ڏينهن ڪمپني جا اسٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک