اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ??هي ته ملڪ جي ترقي جمهوري?? سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي تسلسل سان ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب ??هي جو گهٽ ٿيندڙ اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه آچر ڏينهن چترال گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين يونٽ جي افتتاحي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين يونٽ جي افتتاح تي وزيراعظم سان گڏ ??ترال مان قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئرمين سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 108 ميگاواٽ ??هي ۽ 36 ميگاواٽ جا ٽي يونٽ هنيا ويندا. پهريون يونٽ مڪمل ٿي چڪو ??هي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يونٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis