اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا وزيراعظم کي ڪورون?? وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ مو??ود?? حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي الانا احساس ايمرجن??ي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجن??ي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورون?? وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم سان وفاقي وزير علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado