اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ضروري شين جي مناسب قيمت تي فراهمي ۽ وڏي ??قد??ر ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??و وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت وا??و وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي وا??و وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ??نج??ب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي ??نج??ب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرشنگ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل