اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي معاملا پنهنجي ??ڳهه تي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي اهم معاملن ت?? گڏجي ويهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اسان جو موقف آهي ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ جي ??ندر آهن اهي پنهنجي پارٽين کي ليڊ ڪن، چونڊ سڌارن ت?? مخالف ڌر کي اعتراض آهن ت?? پنهنجون تجويزون ڏي، چونڊ سڌارن ت?? پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر اڳواڻن سان ڳالهه ٿيندي، ڀڳوڙن سان نه، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز پارلياماني نظام جو حصو نه آهن، اهي نظام کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، سڄي ملڪ ۾ ويڪسي نيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي، ويڪسي نيشن ۾ سنڌ سڀ کان پٺتي آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي، ڪورونا وبا جي ??اوجود ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري صنعتي شعبي کي فروغ ملي رهيو آهي، هلندڙ سال نوجوانن کي 315 ارب رپين جا قرض ڏنا ويا، ڪپهه جي في مڻ امدادي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هائوس يونيورسٽي جي لاءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا، جون ۽ جولاءِ ۾ بجلي جي ??لب ۾ 20 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ڪابينا وزيرن جي پگهارن ۾ اضافي جي ??جويز رد ڪري ڇڏي آهي، سعودي عرب مان 28 پاڪستاني قيدي وطن واپس پهچي ويا آهن، وفاقي ڪابينا مجاهد پرويز کي آمريڪا جي ??والي ڪرڻ جي منظوري ڏني، اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي لاءِ وزيراعظم مخالف ڌر اڳواڻ کي خط لکندو، آزاد ڪشمير ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم آزاد ڪشمير لڳايو، پوليس ۽ بيوروڪريسي انهن جي ماتحت هئي، پوءِ به انهن چي?? ته ڌانڌلي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ويڪسي نيشن ۾ تمام گهڻو پٺتي آهن، سنڌ حڪومت کي گهرجي ??ه اها پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ سنڌ حڪومت سڀ کان پٺتي آهي، سنڌ تمام اهم صوبو ۽ وڏي آبادي جو مسڪن آهي، وفاقي حڪومت جا اختيار آهن ت?? اها صوبن جي ڪارڪردگي طرف ڌيان ڇڪرائي، ان جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته صوبي جي ??وام جي ??هتري لاءِ قدم کنيا وڃن. چوڌري فواد حسين ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته 28 پاڪستاني قيدي وطن واپس پهچي ويا آهن، اهو وزيراعظم جي ڪوششن جو حصو آهي، هيستائين سوين قيدي ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان واپس آيا، هي اهي قيدي آهن جيڪي ننڍن ڏوهن ۾ ملوث هئا. هن چي?? ته رڳو عمران خان اوورسيز پاڪستانيز خاص طور تي پورهيت طبقي جي لاءِ درد رکي ٿو. هن چي?? ته ان کان اڳ سفارتخانن ۾ انهن ماڻهن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو، اسان غفلت ڪرڻ تي سعودي عرب ۾ پوري سفارتخاني ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ عملي کي معطل ڪيو، پرڏيهي آفيس کي واضح هدايتون آهن ت?? ڪارڪردگي جو سڀ کان اهم معيار اهو آهي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان بابت ڇا ٿا سوچين، قونص??ر ۽ سفارتڪارن جو فرض آهي ته اهي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهن، پاڪستاني سفارتخاني جو فرض آهي ته اهو ان کي عزت ۽ احترام ڏي، انهن جي ڪم ۽ انهن جو اطمينان ئي آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ جي لاءِ سڀ کان اهم آهي. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينِتر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ هيستائين جي ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته چونڊ سڌارن ۾ اسان مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، سينيٽ ڪميٽي شروعاتي ويهڪ به ڪري چڪي آهي، اسان مخالف ڌر سان معاملا اڳتي وڌائي رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪشمير چونڊون ڪشمير جي وزيراعظم ڪرايون، ان جو هم زلف اليڪشن ڪميشن جو سينيئر ميمبر هو، اليڪشن ڪميشن به ڪشمير جي وزيراعظم لڳايو، سڄو پئسو ڪشمير جي ??ڪومت وٽ هو، پوليس ۽ بيوروڪريسي به انهن جي ماتحت هئي، ان جي ??اوجود (ن) ليگ کي بري طرح شڪست ٿي ته انهن ڌانڌلي جو روڄ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن هر هارائيندڙ چوند?? ته اليڪشن ڌانڌلي سان ٿيون آهن ت?? جمهوري عمل ڪيئن اڳتي وڌندو. هن چي?? ته مخالف ڌر کي وڏن معاملن ت?? پنهنجي پوزيشن وٺڻي پوندي. اسان چونڊ سڌارن جي ??والي سان پنهنجون 49 تجويزون ڏنيون آهن، انهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سڀ کان اهم تجويز آهي، اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا، هاڻي مخالف ڌر اسان جي ??جويزن ت?? اتفاق ڪري، جيڪڏهن انهن جو اتفاق نه آهي ته اهي پنهنجون تجويزون کڻي اچي. هن چي?? ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ هڪ نظام جوڙڻو پوندو جنهن ت?? سمورن ماڻهن جو اعتماد هجي. شهباز شريف بيان ڏن?? ته اسان ان ت?? اڳتي هلڻ لاءِ تيار آهيون، خوش آئنده آهي، مخالف ڌر ۾ سنجيده ماڻهو موجود آهن، ڪجهه ماڻهو هن ايوان جو حصو نه آهن، نواز شريف، فضل الرحمان ۽ مريم نواز هن نظام کي طاقتور ٿيندي ڏسڻ نه ٿا چاهين، اهي چاهين ٿا ته نظام بگڙي، پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايم اين جي ??ندر اهڙا ماڻهو به موجود آهن جيڪي هن نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهي هن نظام جو حصو به آهن. هن چي?? ته پارليامينٽ جي ??ندر اسان انهن سان ڳالهه ڪنداسين جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پارليامينٽ کان ٻاهر ماڻهن سان ڳالهه نه ڪنداسين. هن چي?? ته پارليامينٽ جي ??ندر موجود نمائندن کي پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪرڻ گهرجي، قانون کان ڀڳل ڏوهاري پارٽي نه ٿا هلائي سگهن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چي?? ته سي ڊي اي چيئرمين پاران وفاقي گادي واري شهر جي ??يڪٽر اي ايٽ ۽ اي نائن م قبضن کي هٽائڻ جي ??والي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا ان عزم کي ورجاي?? ته نيشنل پارڪ ۾ ڪنهن به قسم جي قبضن جي ??جازت نه ڏني ويندي ۽ ان حوالي سان بنا ڪنهن فرق جي قانون کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر سخت حڪم جاري ڪيا آهن ت?? اسلام آباد جي ??ندر گرين ايرياز کي هر صورت تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان ۾ گرين ايرياز ۾ قبضا ڀلي جن ادارن پاران قائم ڪيا ويا آهن، انهن کي پٺتي هٽايو ويو آهي، نيول فورسز، فضائيه، پوليس سميت ٻين سرڪاري ادارن کي چيو ويو آهي ته اهي گرين ايرياز تان پنهنجي قبضن کي پـٺتي هٽائين. هن ٻڌاي?? ته طاقتور ترين ماڻهن پاران قائم ڪيل قبضن جي ??لاف وزيراعظم سختي سان هدايت ڪئي آهي، اسان اسلام آباد جي ??صل گرين ايرياز کي بحال ڪري رهيا آهيون. قبضن جي ??لاف ڪارروائي ڪنهن فرق کانسواءِ جاري رهندي. هن ٻڌاي?? ته مونال ريسٽورنٽ ويجهو نيشنل پارڪ جي ??ندر تعميرات جا اطلاع مليا آهن، جيڪڏهن اهڙا قبضا آهن ت?? انهن کي ڊاهيو ويندو، وزيراعظم ان ڏس ۾ علي نواز اعواڻ کي ذميواري ڏني آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪابينا ايڊمنسٽريٽر اپنڊنڊ پراپرٽيز آرگنائيزيشن (اي پي او) ۽ ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر اي پي او اسلام آباد ۽ ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا محمد سليم کي نيشنل ٽيرف ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. منع ٿيل هٿيار لائيسنس جاري ڪرڻ جي ??والي سان ڪابينا منع ٿيل هٿيار لائيسنس جاري ڪرڻ جو اختيار گهرو وزير يا سيڪريٽري جڏهن ت?? غيرمنع ٿيل هٿيار لائيسنس جاري ڪرڻ جو اختيار وزير، گهرو وزارت جي ??يڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) کي ڏيڻ جي ??جويز منظور ڪئي آهي. اهو اختيار اڳ ۾ وزيراعظم وٽ هو هاڻي اهو اختيار گهرو وزارت کي ڏنو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا آمريڪي حڪومت جي ??رخواست تي فراڊ جي ڪيس ۾ گهربل مجاهد پرويز کي آمريڪا جي ??والي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. مجاهد پرويز تي ڪرپشن ۽ قانون شڪني ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (جي) پاران جاچ جي نتيجي ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي هئي ته ڄاڻايل شخص تي قانوني شڪني جا الزام بظاهر حقيقت تي ٻڌل آهن. هن ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا آئين جي ??رٽيڪل 51 جي ??ق 3 تحت قومي اسيمبلي ۾ مختلف صوبن جي ??يٽن جي ورڇ جي معاملي تي غور ڪندي فيصلو ڪي?? ته جيئن ت?? آدمشماري جي ??بوري ۽ حتمي انگن اکرن ۾ ڪو خاص فرق سامهون ناهي آيو تنهن ڪري انهن سيٽن جي ورڇ ۾ ڦيرڦار جي ??رورت نه آهي. هن ٻڌاي?? ته 24 هين آئيني ترميم ۾ اهو طئي ڪيو ويو ه?? ته سيٽن جي ورڇ 2017ع جي ??دمشماري جي ??بوري انگن اکرن موجب ٿيندي. بعد ۾ 25 هين ترميم موجب قبائلي علائقن کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو هو، ان موجب خيبرپختونخواهه جي ??يٽن ۾ 6 سيٽن جو اضافو ڪيو ويو هو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چي?? ته ڪابينا منصوبابندي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ايندڙ آدمشماري جي لاءِ انتظام ڪيا وڃن. هن ٻڌاي?? ته ڪابينا محمد جبار خان کي سي اي او پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته لوڊشيڊنگ جي معاملي تي پرويز خٽڪ لوڊشيڊنگ جي ڳالهه ڪئي، ان ت?? توانائي واري وزير ٻڌاي?? ته جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ بجلي جي ڊيمانڊ ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. اسان وٽ بجلي جي ??راسري طلب 16 هزار ميگاواٽ رهي ٿي جڏهن ت?? هن سال ڊيمانڊ 26 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته هن وقت 24 کان ساڍا 24 هزار ميگاواٽ جنريشن رهي آهي ۽ ايتري ئي مقدار ۾ ٽرانسميشن پڻ رهي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته عيد کان هيستائين فورسڊ لوڊشيڊنگ شيڊيول نه ڪيو ويو جڏهن ت?? نظام جي مسئلن جي ڪري ڪنهن جڳهه تي عارضي تعطل پيدا ٿي وڃي ٿو. هن ٻڌاي?? ته اسان وٽ 1500 ميگاواٽ بجلي اضافي آهي پر (ن) ليگ غلطي اها ڪئي ته انهن بجيل جا ڪارخانا ته لڳايا پر ڊسٽري بيوشن سسٽم نه لڳايو جنهن جي ڪري اسان بجلي ٽرانسمٽ نه ڪري سگهياسين. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا سنڌ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي ??ورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ تبديلين جي منظوري ڏني. رابعه جويري آغا ۽ جانب عامر ڪراچي وارو کي بطور انڊيپنڊنٽ ڊائريڪٽر نوٽيفائي ڪرڻ جڏهن ت?? ڪجهه ڊائريڪٽرز کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جي ??جيوز جي منظوري ڏني. ان ڪمپني ۾ سنڌ حڪومت اڳ ۾ اعتراض ڪيو ه?? ته وفاق ڪراچي ۾ ڊيولپمينٽ جي لاءِ پنهنجي ڪمپني ڇو ٺاهي رهيو آهي ۽ هاڻي سنڌ حڪومت پاڻ ئي ڊائريڪٽرز پڻ نامزد ڪيا آهن ۽ اهي ان جو حصو به بڻجي ويا آهن. چوڌري واد حسين چيو ت ڪابينا کي موجوده معاشي انگن اکرن جي ??والي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اها ڳالهه وڏي خوش آئنده آهي ته اسان مسلسل مهانگائي جي ??نگن اکرن ۾ گهٽتائي ڏسي رهيا آهيون. هن ٻڌاي?? ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رهيو آهي جيڪو گذريل سالن ۾ گهٽ ترين آهي. روانگي واپار بلند ترين سطح تي رهيو، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا پڻ بلند ترين سطح تي رهيا، ايف بي آر پاران روينيو گڏ ڪرڻ ۾ 19 سيڪڙو گروٿ ٿي، پي ايس ڊي پي مڪمل طور تي استعمال ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته فسڪل بيلينس 7.3 سيڪڙو رهيو، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 14.6 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪور انفليشن (اربن) 6 سيڪڙو رهي. هن وڌيڪ ٻڌاي?? ته نجي ??عبي کي ڪريڊٽ جي فراهمي ۾ انتهائي حوصلي جوڳو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. هن چي?? ته جڏهن اسان حڪومت ۾ آيا هئاسين فيصل آباد بند هو، اتي لومز وڪرو ٿي رهيا هئا، هاڻي چيمبر آف ڪامرس فيصل آباد ججو صدر ٻڌائي رهيو آهي ته انهن وٽ 2023ع تائين آرڊر وٺڻ جي گنجائش نه آهي. اسان جو روانگي واپار به بلند ترين سطح تي رهيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به بلند ترين سطح تي رهيا. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪورونا جي ڏس ۾ ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي ??رخواست تي 61 شين جي ??رآمد تي ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي، اهي شيون ڪورونا جي ??لاج بابت آهن. ڪورونا وبا جي ڏس ۾ ڪابينا فيصلو ڪي?? ته ان ڇوٽ جي مدي کي 31 ڊسمبر 2021ع تائين وڌايو ويندو. چوڌري فواد حسين وڌيڪ ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا سيد آفتاب حيدر کي سي اي او پاڪستان سنگل ونڊو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ٽريڊ جي ??والي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، پاڪستان سنگل ونڊو پروگرام تحت اليڪٽرانڪ پليٽ فارمز جي ڊيولپمينٽ سان ان ۾ مختلف سسٽمز مثال طور پورٽ ڪميونٽي انٽگريٽيڊ رسڪ مئنيجمينٽ، اپ گريڊيڊ ڪسٽمز مئنيجمينٽ ۽ ٽريڊ انفارميشن پورٽل جهڙي نظام جي ??وڙجڪ شامل آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 جولاءِ 2021ع جي ??جلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي. ڪابينا کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ??والي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان جا تفصيل شوڪت ترين اڳ ۾ ڏئي چڪو آهي، نوجوانن، آبادگارن ۽ ان طبقي کي جنهن کي اڳ ۾ ڪڏهن به قرض نه مليو، کي 315 ارب رپيا ڏنا ويندا. ڪامياب پاڪستان پروگرام 9 آگسٽ تي جاري ڪيو ويندو. هن ٻڌاي?? ته ان پروگرام جي ??ريعي چار ملين ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جن کي هڪ مڪمل پئڪيج ڏنو ويندو جنهن ۾ انٽرسٽ فري لونز جي فراهمي، ڇت جي فراهمي ۽ گهر جي هڪ شخص کي هنر سيکارڻ شامل آهي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته قرضن جي مد ۾ بئنڪن کي پئسو مائيڪو فنانس ڪمپنين ذريعي مستحق ۽ ضرورتمند ماڻهن تائين پهچايو ويند?? ته جيئن جتي ان پئسي کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي ??تي انهن قرضن ت?? ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوري کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪامياب ڪاروبار ۾ 5 لک رپين جا قرض زيرو مارڪ اپ تي ڏنا ويندا، عمر جي ڪا حد نه آهي، ٽن سالن جي مدي ۾ قرض جي واپسي هوندي. ڪامياب آبادگار تحت ساڍا 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين جي ??بادگار جي لاءِ ٻن قسمن جا قرض هڪ ڏيڍ لک جو ۽ ٻيو ٻه لک جو، گهرن جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي منصوبي لاءِ 2.7 ملين رپين تائين قرض جڏهن ت?? ٻين منصوبن جيڪي نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ نه آهن، انهن ۾ 20 لک تائين قرض ملي سگهندو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چي?? ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 28 جولاءِ 2021ع جي ??جلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته ڪپهه جي ??حالي حڪومت جي ??رجيح آهي، حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ 20 لک بيلز جو اضافو ٿيندو. هن چي?? ته ڪپهه جي في مڻ امدادي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ اضافي جي ??جويز رد ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌاي?? ته وزيراعظم هائوس کي نجي ??قريبن جي لاءِ اوپن ڪرڻ جو معاملو ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هائوس جي ڀرسان يونيورسٽي ٺهي رهي آهي، ان جي لاءِ 32 ارب رپيا اڳ ۾ ئي رکيا ويا آهن، ان جو بل به آئون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي ??يثيت سان اسيمبلي ۾ پيش ڪري چڪو آهيان. يونيورسٽي پنهنجي ??ڳهه تي ٺهي رهي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ هڪ هال کي اوپن ڪرڻو هو پر وزيراعظم عمران خان رياست جي ملڪيت و??رين شين جي ??هتر استعمال کي ترجيح ڏي ٿو. هڪ سوال تي هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي مقرري جي ??والي سان وزيراعظم ليڊر آف اپوزيشن کي خط لکي رهيو آهي پر مشاورت جي لاءِ ملڻ ضروري نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته آمريڪا سان 1931ع کان حوالگي جو معاهدو آهي، برطانيا سان نه آهي، آمريڪا به هميش خان کي اسان جي ??والي ڪيو هو.
سياسي معاملا پنهنجي جڳهه تي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي اهم معاملن تي گڏجي ويهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا