فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي ت??ديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي ت??ديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي ت??ديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسمياتي ت??ديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته و??يراعظم عمران خان موسمياتي ت??ديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته و??يراعظم عمران خان جي وڻڪاري مهم کي پوري دني?? ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.
وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری