اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پن??اب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پن??اب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پن??اب رائو سردار علي خان پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پن??اب صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي صوبي جي اندر جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قد?? کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قد?? کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا