ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، ان جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني لازوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل ??يغام موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪستان جي گهٽين چوڪن سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ قائد عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پنهنجي خلوص، تدبر ۽ محنت جي ذريعي ??لڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چيو ته شهيد ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ??لڪ کي پهريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپن جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي سُڃاڻپ آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته قائد عوام بطور ??لڪ جي پهرين چونڊيل ??زيراعظم پاڪستان ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونينز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسين جو خاتمو ڪيو. زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهرن جو مالڪ بڻايو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي حياتي تائين جي پرواهه نه ڪئي. ??ن ان عزم کي ورجايو ته هو پنهنجي پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، رواداري ۽ ب??اب??ي کي فروغ ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ??لڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي ئي سک جو ساهه کڻندو.
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں