اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??خيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪ??رر??ائي جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم مرغي جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي فراه??ي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ دو??ان کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ دو??ان ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعظم شهباز شريف ??خيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قانوني ڪ??رر??ائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪ??رر??ائي ڪئي وڃي. رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن کي تنگ ڪري، ان کي قانون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شهباز شريف ??خت هدايت ڪئي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪ??رر??ائي ٿيندي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ ??زيراعظم هدايت ڪئي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئي وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن کي پڪڙيو ۽ قانون جو سبق سيکاريو. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.
وزيراعظم پاران ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن