مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن ج?? ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش ??رب??ني کي خراج عقيدت پيش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ۽ پيرا ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نوم??ر ??ي ڄمون جي شهيدن ج?? ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي ??رب??ني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نوم??ر ??ي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آهي.
ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي 6 نومبر تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ٿيندي
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais