اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي ??عل??م فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوش??ن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگي ۽ ??عل??مي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم ??ما??ي ۽ صحت جي مسئلن بابت بيداري پيدا ڪرڻ کانسواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري اداري جي نمائندن سان گڏوگڏ ??عل??م ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 28 ملين ٻارن کي ??عل??م فراهم ڪرڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هزارين نئين اسڪولن ۽ اضافي وسيلن جي ضرورت هوندي. هن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ??عل??م فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران غير??وا??تي حل ۽ گڏيل ڪوش??ن جي ضرورت تي زور ڏنو. ??عل??م ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ??عل??م ڏيڻ جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا جمعي جي خطبن جي ذريعي اخلاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام کي فروغ ڏئي معاشري جي اصطلاح ۽ معاشرتي براين تي ابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجدن جي ذريعي ذهني ۽ عمومي صحت جي مسئلن، آبادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، عورتن جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، ??عل??م ۽ مذهبي معاملن جي وزارتن پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرسن جي شموليت سان ماڻهن کي ??ما??ي ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.
اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي مقصد لاءِ مسجدن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب