ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊيو??س ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين جي قيادت ک?? ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي ??رب جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آهن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد