اسلام آ??اد- 11 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪ??مت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذ??يواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، چونڊن واري ڏينهن شهرين، پولنگ عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن کي درپيش خطري سبب موبائيل سروس بند ڪئي وئي جنهن جي وضاحت گهرو وزارت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهرين جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ وڌيڪ اهم هو. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس جي معطلي بابت گهرو وزارت وضاحت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهرين جون زندگيون اهم هيون، شهرين ،پولنگ اسٽاف ۽ پولنگ اسٽيشنن کي خطرا هئا، شهرين جي چرپر کي محفوظ بڻائڻ اسان لاءِ ضروري هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن جي عمل ۽ چونڊن جي تاريخ تي هميشه تڪرار رهيا آهن. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن تي به تڪرار هئا. هن چيو ته نگران حڪ??مت اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي. اسان پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذ??يواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت اقتدار جي منتقلي جو طريقو موجود آهي، چونڊن جا سرڪاري نتيجا لاڳاپيل اسيمبلين تائين پهچندا ته موجوده اسپيڪرز اسيمبلين جو اجلاس گهرائيندا، و??ير??عظم ۽ و??ير??عليٰ جڏهن حلف کڻندا ته نگران حڪومتون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.
نگران حڪومت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي، چونڊ نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون: نگران وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : ریل رش