اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سلطنت عمان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ جاچ ۾ مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن عمان ۾ امام بارگاهه علي ابن طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي جنهن ۾ 4 پاڪستانين سميت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضا??ع ٿيون. هن چيو ته منهنجون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن، مون پاڪستاني سفارتخاني کي ??دايت ڪئي آهي ته هو زخمين جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي ۽ اسپتال جو پاڻمرادو دورو ڪ??ي زخمين جي سارسنڀال ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سلطنت عمان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ جاچ ۾ پنهنجي مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا