ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) و??اق?? گهرو وزير ??حس?? نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي علي رضا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير ??حس?? نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير ??حس?? نقوي شهيد ڊي ايس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر پوليس آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي ??ئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.
گهرو وزير محسن نقوي پاران سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي آمد، وارثن سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ