اسلام ??باد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??مورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌ??ڪ وڌ??دو، سرڪاري ادارن ۾ خريداري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ گڊ گورننس جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ??مورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌ??ڪ وڌ??دو. وزيراعظم پيپرا (پي پي آر اي) ۾ سڌارا آڻي ان کي ڪنهن به قسم جي اثررسوخ کان پاڪ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ??مورن سرڪاري پروڪيورمنٽس ۾ ٿرڊ پار??ي ويليڊيشن بشمول ڪوالٽي انشورنس يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ پروڪيورمنٽ ايجنسي کان هٽي ڪري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپرا ۾ ميرٽ تي باصلاحيت، پيشيور ۽ گهربل تجربو رکندڙ ماهر مقرر ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن سرڪاري ادارن کي اي پروڪيورمنٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ??رڪاري ادارن ۾ خريداري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا وڃن، سرڪاري معاملن ۾ شفافيت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيپرا آرڊيننس ۽ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهي ترميمون جلد وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون، انهن ترميمن جو مقصد پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت ۽ انهن کي موجوده دور جي گهرجن موجب آڻڻ آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان، آءِ ??ي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پيپرا بورڊ ميمبرن، ورلڊ بئنڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
سمورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ