لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي)سڄي دنيا سميت لاڙڪاڻي ۾ به ڪالهه بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. تفصيل مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پياري نياڻي، خاتون جنت، حضرت علي رضه جي گهرواري ۽ ا??ام حسن ۽ ا??ام حسين رضه جن جي والده ماجده بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ شھر جي انجمن پنجتني کچي ا??ام بارگاه ۽ ا??ام بارگاه جعفريه سميت مختلف ا??ام بارگاهن مسجدن ۾ ولادت باسعادت جو جشن ملھايو ويو. ڪيڪ ڪاٽ??ا ويا، عالم سڳورن ۽ ذاڪرين بي بي سيده فاطمة الزھراء رضه جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ لاڙڪاڻي جي مشھور قصيدہ خوانن سائڻ بي بي فاطمه الزهراء جي ??ان ۾ قصيدا چيا آخر ۾ علماء ??رام پاڪستان ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا خير گھري وئي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب