نيويارڪ-21 سيپٽمبر(اي ??ي پي) اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته سندس ملڪ کي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ايٽمي هنڌن جي ??عائني سان ڪو به مسئلو ناهي صرف ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??وقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي معائني ۾ ڪو به مسئلو ناهي پر ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي، جيستائين انهن انسپڪٽرز جو تعلق آهي جيڪي قابل اعتماد آهن اهي اي??ان ۾ پنهنجو جاري رکي سگهن ٿا. ان جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن تازو ئي اي??ان ڪيترن ئي عالمي معائنو ڪندڙن کي ملڪي ايٽمي هنڌن جو معائنو ڪرڻ ??ان هٽائي ڇڏيو، ايراني قدم هلندڙ مهيني جي شروع ۾ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز ۾ آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جي ??يادت ۾ ان قدم کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ اي??ان ??ان مطالبو ڪيو ويو هو ??ه هو ??يجنسي سان فوري طور تي تعاون ڪري، صدر رئيسي چيو ته اي??ان جو هي فيصلو عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اولهه جي ??يمبرن جي ڪجهه غير منصفاڻي بيانن جي جواب ۾ آيو، ياد رهي ته اي??ان طرفان کنيل قدم جنهن کي انسپڪٽرز جي ”ڊي اپائنٽمنٽ“ جي ??الي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن ۾ ميمبر ملڪن عام طور تي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي ??عاهي تحت پنهنجي ايٽمي هنڌن جي ڪجهه معائنو ڪندڙن جي دوري تي اعتراض ڪري سگهن ٿا.
آءِ اي اي اي جي ايٽمي هنڌن جي معائني سان ڪو مسئلو ناهي، ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا