اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر سرتاج عزيز چيو آهي ته 21 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪا طرفان ڪيل ڊرون حملو بدقسمتي ??ئي ۽ ان عمل سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد سازي وارن لاڳاپن کي سخ?? ڌڪ رسيو آهي. هن چيو ته ڊرون حملي جنهن ۾ افغان طالبان جو اڳواڻ ملا منصور مارجي ويو هو، سان افغانستان ۾ جاري امن عمل پڻ سخ?? متاثر ٿيو آهي ۽ ان قدم جا ڏور رس اثر ظاهر ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪا جي انهيءَ ڊرون حملي جي پهلوئن بابت ڪا يقيني ڄاڻ ناهي پر ان حملي ان مثبت بجاءِ منفي اثر ٿيندا. ڀارتي ??زيراعظم نريندر مودي جي آمريڪا جي دوري ۽ ايٽمي سپلائرز گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششن ۽ آمريڪا جي ڀ??رت ڏانهن وڌندڙ لاڙي بابت سوال تي سرتاج عزيز چيو ته ان عمل سان علائقائي اسٽريٽجڪ توازن متاثر ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم