لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون پنهنجي قوم سان ??اعدو ڪيو آهي ته جيترا به ڪرپٽ ماڻهو آهن انهن سڀني کي پڪڙڻو آهي، جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ ڌٻڻ مان ??اهر نه ٿو نڪري سگهي، اسان کي مشڪل دور مان ??ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي 20 سيڪڙو انعام ڏيڻ جي حوالي سان ??انون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪرايو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ايماندار ماڻهو ۽ تبديلي جو نالو آهي، پنجاب جي وڏن وزيرن مان عثمان بوزدار سڀ کان ڪامياب وڏو وزير هوندو، عثمان بوزدار پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکي ٿو، هي پنهنجي علائقي جا مسئلا ڄاڻي ٿو، تبديلي ا??ا آهي ته اسان جو وڏو وزير علاج جي لاءِ ٻاهر نه ويندو، پنجاب جي وڏي وزير کي خبر آهي ته خراب پاڻي پيئڻ سان ڪيترا مسئلا پيدا ٿين ٿا، مون کي يقين آهي ته هي هڪ ايماندار شخص آهي ۽ آئون بي خوف آهيان ته هي بدعنواني نه ڪندو، سڀ کان ??ڏي بجيٽ پنجاب جي آهي، پنجاب ۾ 10 سالن ۾ 8 هزار ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، رڳو لاهور جي سالياني ترقياتي بجيٽ خيبرپختونخواهه کان ??يڻ تي وڌيڪ آهي.
قوم سان واعدو ڪيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر