اسلام آباد – 29 آڪ??وب?? (اي پي پي) و??تي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته حڪومت گوادر شهر ۾ 10 لک وڻن جي وڻڪاري ڪري رهي آهي ته جيئن شهر کي سرسبز ۽ ماحولياتي طور تي صحتمند بڻائي سگهجي. سياسي معاملن بابت ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ گوادر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي کي گوادر ۾ 10 لک وڻن جي وڻڪاري جي لا??ِ چيو آهي ۽ ان جي جواب ۾ وفاقي وزير منصوبي تي عملدرآمد جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک